تو بن ڪهڙا ڇانورا- ڪتاب

تو بن ڪهڙا ڇانورا- ڪتاب

تو بن ڪهڙا ڇانورا

تو بن ڪهڙا ڇانورا (ڪتاب ):هيءُ نامياري شاعر اياز گُل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مهاڳ ”ڪوئي گل ڦٽو منهنجي ٽاريءَ مان“ جي عنوان سان شيخ اياز لکيو آهي. شيخ اياز سندس فن تي لکيو آهي ته:
اياز گل نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر آهي ۽ ننڍيءَ عمر ۾ ئي هن پنهنجي جاءِ والاري ڇڏي آهي. مان هن جي شاعري ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعري ڏسي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته، اها نيٺ ڪنهن ڏينهن به بين الاقوامي معيار تي اچي ويندي. ان شاعريءَ ۾ جاگيرداري دور مان نڪري، صنعتي دور ۾ داخل ٿيڻ جا آثار ملن ٿا ۽ ان جون تشبيهون وغيره روايتي شاعريءَ کان مختلف آهن ۽ انهن تي پنهنجي انفراديت جي ڇاپَ آهي“.
هن ڪتاب ۾ اياز گل جا غزل، وايون، نظم، گيت، سوايون، هائيڪا، ترائيل ۽ ٽه سٽا شامل آهن. هي ڪتاب سُڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران جون 1992ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان، 148 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو